تهران- 29 جنوري (اي پي پي) ايران هڪ ڏينهن ۾ هڪ ئي وقت 03 مصنوعي سياره ??لا ۾ اماڻي ڇڏيا آهن. العربيه نيوز ايران جي سرڪاري ميڊيا جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته 03 سياره ??يران جي دفاع واري وزارت جي تيار ڪيل سي مرگ نالي سيٽلائيٽ ڪيريئر ريڪيٽ ذريعي خلا ۾ اماڻيا آهن. انهن ٽنهي سيار?? مان هڪ جو وزن 32 ڪلوگرام آهي جڏهن ته باقي ٻن سيارن جو وزن 10-10 ڪلو کان گهٽ ٻڌايو پيو وڃي. انهن سيار?? مان هر هڪ کي 450 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تائين اماڻيو ويو آهي جڏهن ته انهن سان لڳايل 02 ننڍڙيون ڊوائيسز جيو پوزيشننگ ۽ مواصلاتي رسائي جو ڪم ڪنديون. ايران انهن سيار?? مان سڀ کان وڏي سياري جو ن??لو مهدا ڏنو آهي. جيڪو خلا ۾ وڏي مقدار ۾ ڪارگو کڻي وڃڻ لاءِ سي مرگ راڪيٽ جي اهليت جو جائزو وٺڻ ۾ مدد ڪندو.