واشنگٽن-01 مئي (اي پي پي)آمريڪا چيو آهي ته رفح ۾ اسرائيلي فوجي آپريشن جي حوالي سان سندس خدشا ختم ناهن ٿيا، اسان فوري جنگبندي ۽ يرغمالين جي آزاديءَ بابت پُرعزم آهيون. العربيه ??رد?? مطابق اها ڳالهه آمريڪي کاتي جي ??ائب ترجمان ويدانت پٽيل گذريل ڏينهن هڪ بيان ۾ چئي. هن چيو ته اسائيل ڏکڻ غزه پٽيءَ جي شهر رفح ۾ فوجي آپريشن جي حوالي سان ڪو قابل اعتماد منصوبو سامهون نه آڻي سگهيو. پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن به اسرائيلي عم??دا??ن سان ملاقات دوران فوري جنگبندي معاهدي تائين پهچڻ ۽ يرغمالين جي رهائيءَ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. هوڏانهن آمريڪي پرڏيهي وزير گذريل ڏينهن ايريز (بيت حانون) ڪرانسگ ذريعي غزه پٽيءَ ويندڙ پهرين اران جي امدادي ٽرڪن واري قافلي جو مشاهدو ڪيو. واضح رهي ته ان کان اڳ اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو ان عزم جو اظهار ڪيو هو ته رفح شهر ۾ بيگهر ٿيل 10 لک کان وڌيڪ فلسطينين جي ??ستقبل بابت عالمي ڳڻتيءَ باوجود فوجي ڪارروائي جاري رکندا.